عادل ارباب چوهاڻ

عادل ارباب چوهاڻ

ارباب علي عادل چوهاڻ

ارباب علي عادل چوهاڻ: ٻاراڻي ادب جي ليکڪ، اديب ۽ شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ جو پورو نالو ارباب علي ولد محمد ابراهيم چوهاڻ آهي. سندس جنم 20 مئي 1957ع تي ڪوٽ اختر محمد شيخ محلي، شڪارپور ۾ ٿيو. سندس تعليم بي. اي، بي. ايڊ آهي. ارباب علي عادل تعليم کاتي ۾ پھرين اپريل 1976ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتان مئي 2017ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1980ع ڌاري ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس اصلاح نامور اديب عزيزالله عزيز بروهيءَ ڪئي. ارباب علي عادل ٻارن لاءِ ڪافي ڪجهه لکيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’عقلمند ڪانءُ‘ (عبدالرحمان جتوئيءَ سان گڏ)، ’عقلمند جهرڪي‘، ’هڪ حق پرست جو نھرو ڏانھن خط‘، ’سوانح سيد محمد شاهه امروٽي‘، ’شرارت‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)، ’عبرت ناڪ انجام‘ (ڪھاڻيون)، ’جادوءَ جي منڊي‘ (ڪھاڻيون)، ’ڪانءَ مينھن ماري‘ (ڪھاڻيون)، ’شرارتي شمون‘ (ڪھاڻيون)، ’سيرت حضرت بيبي عائشه رضه‘، ’سيرت حضرت خديجة الڪبريٰ رضه‘، سوانح داتا گنج بخش رحه‘، ’پڙلاءُ‘ (شاعري) ۽ ’سھڻا ٻار سمورا‘ (ٻارن لاءِ شاعري) قابل ذڪر آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ تنوير عباسي اوارڊ (2000ع)، ساٿي مئگزين طرفان بھترين ليکڪ اوارڊ (2001ع)، مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور پاران بھترين شاعر اوارڊ (2012ع) شامل آهن. هن وقت شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ارباب علي عادل چوهاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.05.20  عيسوي

ارباب علي عادل چوهاڻ جو جنم 20 مئي 1957ع تي ڪوٽ اختر محمد شيخ محلي، شڪارپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مصطفيٰ سولنگي 2
دادا سنڌي
جهانگياڻي سنتداس
عزيز حامد مدني
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
ظفر عباسي ڊاڪٽر
صديق سالڪ برگيڊيئر
جمال رند
شاهه محمد گاڏهي
علي نواز آريسر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون